عبدالستار ميمڻ

عبدالستار ميمڻ: نامور تعليمدان حافظ عبدالستار ولد عبدالقادر ميمڻ، پهرين آگسٽ 1914ع تي شڪارپور شهر ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم شڪارپور مان حاصل ڪئي. سندس گهراڻو مذهبي هو. ننڍپڻ ۾ قرآن شريف مڪمل حفظ ڪيائين ۽ مئٽرڪ شڪارپور جي هاءِ اسڪول مان، انٽر سي اينڊ ايس ڪاليج شڪارپور مان، عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم وڪٽوريا جوبلي اسڪول شڪارپور مان، بي. اي بمبئي يونيورسٽيءَ مان امتيازي حيثيت ۾ ڪيائين. عبدالستار ميمڻ پنهنجي عملي زندگيءَ جي شروعات ٽيلي گراف کاتي ۾ ٽيليفون آپريٽر طور ڪئي. بعد ۾ پڙهائيءَ سبب نوڪري ڇڏيائين. تعليم مڪمل ڪرڻ بعد گورنمينٽ پرائمري اسڪول نوشهرو فيروز ۾ استاد مقرر ٿيو. بعد ۾ کيس اين. جي. وي هاءِ اسڪول ڪراچي بدلي ڪيو ويو. جتي نوڪريءَ دوران بي. ٽي جو امتحان پاس ڪيائين. 1955ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول سکر جو هيڊماستر، 1957ع ۾ گورنمينٽ هاءِ اسڪول ميرپورخاص جو هيڊماستر، 1985ع ۾ شڪاپور هاءِ اسڪول جو هيڊماستر مقرر ٿيو. عبدالستار 1961ع ۾ نوابشاهه جو ڊسٽرڪٽ انسپيڪٽر آف اسڪولس، ڊسٽرڪٽ انسپيڪٽر آف اسڪولس ٺٽو، 1964ع ۾ سانگهڙ ۾ DIS، 1966ع ۾ نوابشاهه ضلعي جو ڊسٽرڪٽ انسپيڪٽر آف اسڪولس، 1967ع ۾ ڪراچيءَ ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر ايجوڪيشن، ڊائريڪٽر ايجوڪيشن ڪراچي، انسپيڪٽر ٽريننگ ڪاليجز سنڌ ۽ پرنسپال ٽريننگ ڪاليج فار مين حيدرآباد طور پنهنجون خدمتون سرانجام ڏنائين. ان دوران ٽريننگ ڪاليج حيدرآباد مان شايع ٿيندڙ رسالو ‘اخبار تعليم’ ٻيهر جاري ڪرايائين. 1971ع ۾ انسپيڪٽر آف اسڪولس حيدرآباد ريجن مقرر ٿيو. جنهن دوران تعليمي سڌارن لاءِ ڪيتريون ئي ڪوششون ورتائين. هيءُ1 آگسٽ 1972ع تي رٽائر ٿيو. جنهن بعد سنڌ ٽيڪسٽ بوڪ بورڊ ۾ مقرر ٿيو، جنهن دوران هن ڪيترائي سبق لکيا ۽ ڪتاب ايڊٽ ڪيا. 1976ع ۾ پبلڪ اسڪول سکر جو پرنسپال مقرر ٿيو. ضياءَ الحق جي حڪومتي دور ۾ کيس تعليمي اوارڊ ڏنو ويو. هن 23 فبروري 1994ع تي وفات ڪئي.


لفظ عبدالستار ميمڻھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1914.08.01  عيسوي

عبدالستار ولد عبدالقادر ميمڻ، پهرين آگسٽ 1914ع تي شڪارپور شهر ۾ پيدا ٿيو.


1994.02.23  عيسوي

عبدالستار ميمڻ 23 فبروري 1994ع تي وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جوزف اسٽالن
تاجو فقير اوٺوال
مير ابوالمڪارم شهود سبزواري
ڊاسوڙي مخدوم محمد امين
پير غوث محمد
ضياء الدين احمد
پير بهاءُ الدين بها سرهندي
پاٽائي شيخ طيب سنڌي
دادا ڀائي ڦالڪي
خاطي محمد اسماعيل ڪنڀار ٺٽوي
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون